چيف جسٽس لطيف کوسي آڏو سردار لکڻ تي ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد: (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ بابت پي ٽي آءِ جي توهين عدالت تي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس  لطيف کوسي جي نالي سان گڏ سردار لکڻ تي ڪاوڙ جو  اظهار ڪندي چيو ته هي سردار، نواب ۽ پير جهڙا لفظ لکڻ بند ڪريو. 1976ع کان پوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي يا ته پاڪستان جو آئين هلايو يا پوءِ سرداري نظام،  پاڪستان جي آئين سان هاڻ مذاق ڪرڻ بند ڪريو. اوهان جي ئي حڪومت سرداري نظام ختم ڪرڻ جو قانون ٺاهيو، هاڻ ته اوهان جي پٽ به سردار ٿي ويا آهن. چيف جسٽس جي ريمارڪس تي لطيف کوسي چيو ته منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي سردار لکيل آهي ان لاءِ اسٽينو ٽائپسٽ نالي سان گڏ سردار لکي ڇڏيو، آئنده احتياط ڪندس. هوڏانهن سينئر صحافي حامد مير سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ جو اسڪرين شاٽ رکي لکيو مسيحا جي ڏيئي هيٺان اوندهه آهي. هن ۾ واضح لکيل آهي ته جسٽس طارق مسعود آڏو به سردار لکيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.