پشاور(م ڊ) باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف جي اڳواڻ قاري خيرالله جي گاڏي کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان نشانو بڻايو ويو. ضلعي پوليس آفيسر موجب باجوڙ جي علائقي برڪمر ۾ خيرالله جي گاڏي ڀرسان ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي ۾ پي ڪي 19 تان جي يو آءِ اميدوار قاري خيرالله محفوظ رهيو. ڊي پي او جو چوڻ هو ته ڌماڪيدار مادو روڊ تي نصب ڪيو ويو هو، جنهن سبب گاڏي کي جزوي نقصان پهتو. هن چيو ته واقعي کانپوءِ پوليس سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.