خالد لانگو اليڪشن ڪيس: نيب ڪرپشن جي سهولتڪار آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ خالد لانگو جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڪيس ۾ ڪاوڙ جو  اظهار  ڪندي چيو آهي ته بلوچستان مان  اهڙن ماڻهن کي چونڊون وڙهڻ کان پري رکڻ گهرجي اهڙن ماڻهن کي ته جيل جي دروازي طرف وڃڻ گهرجي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو ته خالد لانگو عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو. فيصلو معطل ڪيو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيستائين سزا جو فيصلو معطل نه ٿيندو ان وقت تائين اميدوار چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي خالد لانگو جي گهر مان ٽرڪن جي حساب سان پئسا هٿ ڪيا ويا. انهن جي گهر مان 2 ارب 24 ڪروڙ 91 لک روپيه هٿ آيا. کيس صرف 26 مهينن جي گهٽ سزا ڇو ڏني وئي؟جسٽس قاضي فائز وڌيڪ چيو ته بلوچستان مان اهڙن ماڻهن کي چونڊون وڙهڻ کان پري رکڻ گهرجي اوهان جي موڪل کي ته جيل جي دروازي طرف وڃڻ گهرجي، ڇا بلوچستان جا پئسا وڌيڪ چوري ڪرڻ لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي.؟ ڪهڙي دنيا ۾ رهو ٿا اوهان، گهر مان هٿ آيل ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ٽرڪن تي آندي ويندي هئي. اهڙا ماڻهو بلوچستان جا دشمن آهن. چيف جسٽس چيو ته نيب جي تاريخ ۾ ڪنهن کي به ايتري گهٽ سزا نه ملي هوندي. مهرباني ڪريو بلوچستان جي ماڻهن کي بخش ڪريو، صوبي ۾ هڪ روڊ به تعمير نه ٿي سگهيو آهي. اهڙا ماڻهو ئي بلوچستان کائي ويا. جسٽس قاضي فائز سوال اٿاريو ته ڇا اهڙي شخص جا ايترا وڌيڪ تعلقات آهن جو نيب اپيل داخل نه ڪري رهي آهي، ڇا نيب اوهان جي موڪل جي ڪنٽرول ۾ هئي  جنهن جي ڪري اپيل داخل نه ڪئي وئي. نيب جو ڪمال ڏسو، پورو ٽرڪ پئسن سان ڀريل هٿ ڪيو ويو ۽ گهٽ سزا جي خلاف اپيل به داخل نه ٿي جيڪي پئسا هٿ ڪيا ويا اهي ڪاروبار يا ملڪيت مان نه ٺاهيا ويا هئا.  ننڍن ڪيسز ۾ ته نيب فوري طور تي اپيل داخل ڪندو آهي. نيب ڪرپشن جو سهولتڪار بڻيل آهي. جنهن کان پوءِ عدالت خالد  لانگو جي درخواست واپس وٺڻ جي آڌار تي رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.