پشاور هاءِ ڪورٽ پاران زرتاج گل جي ضمانت منظور

پشاور ( م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل جي ضمانت منظور ڪندي پوليس کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس محمد ابراهيم خان پي ٽي آءِ اڳواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي زرتاج گل راهداري ضمانت لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. هوڏانهن هاءِ ڪورٽ ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته عورت پوليس اهلڪار به هاءِ ڪورٽ جي بار روم ۾ موجود هيون. زرتاج گل گرفتاري جي خدشي کي نظر ۾ رکندي هاءِ ڪورٽ مان ٻاهر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن کيس هاءِ ڪورٽ ۾ رات گذارڻي پئي ته گذاريندس پر ضمانت کانسواءِ ٻاهر نه ويندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.