ملڪ جو اصل مسئلو ڪرپشن آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم ۽ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ تاراجي جو انتخاب ڪيو. اسان عوام  کي اهڙو پاڪستان ڏينداسين جنهن تي پوري قوم فخر ڪندي.اليڪشن ۾ اهي ماڻهو ڪوڙا واعدا ڪري رهيا آهن جيڪي ڪافي عرصي کان وٺي عوام تي حڪمراني ڪري رهيا آهن. خاندانن جي حڪومت جي خواهش ڪرڻ وارا جمهوريت جي حڪمراني نٿا چاهين. واري واري سان حڪومت ڪرڻ وارن جي واري هاڻي ختم آهي هاڻي عوام جي حڪومت ايندي.ن ليگ پ پ پ ۽ پي ٽي آئي ۾ ڪوبه فرق نه آهي. وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ڪرڻ وارن عوام جو هڪ به مسئلو حل نه ڪيو آهي. ملڪ ۾ معاشي معدني مسئلا ناهن پر اصل مسئلو ڪرپشن جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين اي 126.پي پي 168م اليڪشن مهم شروع ڪرڻ واري موقعي تي اتفاق ٽائون گرائونڊ ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي اميدوار اين اي 126اميرالعطم ۽ اميدوار پ پ 168زڪرالله مجاهد به خطاب ڪيو. اسٽيج تي موجود اهم قيادت ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل اظهر اقبال حسن. سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف. ذبيح الله بلگن غلام حسين بلوچ عبدالعزيز عابد. سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي حلقه خواتين ڊاڪٽر حميرا طارق. ڊپٽي سيڪريٽري جنرل حلقه خواتين ٿمينه سعيد ربيعه طارق عظمي عمران ۽ ٻيا شامل آهن. ان موقعي تي عورتن جو وڏو تعداد پڻ موجود هو. امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي ڪمي ڪابه نه آهي اصل مسئلو ڪرپشن جو آهي. گڊ گورنس نه هجڻ آهي. سالانه پنج هزار ارب ڪرپشن ٿئي ٿي جڏهن ته پاڪستان 80هزار ارب رپين جو قرضي آهي. حڪمران آءِ ايم ايف کان قرض وٺي کائي وڃن ٿا جنهن جو عوام لوڙهي ٿو ۽ مصيبت ۾ اچي پريشان ٿئي ٿو. حڪمرانن آئي پيز جهڙن مهنگن معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ في يونٽ بجلي 50روپي ڪري ڇڏي. انهن جي ڪري پوڻا ٽي ڪروڙ ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. 90لک نوجوان نشي جا عادي ٿي ويا آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي سمجهي ٿي ته نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن. انهن کي سرڪاري زمينون ڏنيون وينديون. هن چيو ته اسان فلسطين ۽ ڪشمير جو مسئلو مظبوطي سان وڙهندا سين. ۽ اقتدار ۾ اچي ڊاڪٽر عافيه کي آمريڪا جي چنبي مان آزاد ڪرائندادين.امير جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته لاهور تي قابض حڪمرانن شهر جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي شهر جا روڊ رستا تباهه برباد آهن اقتدار ۾ اچي سڀ مسئلا حل ڪنداسين ان ڪري جماعت اسلامي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي پنهجي ۽ پنهجي ملڪ جي تقدير بدلايو ايماندار ۽ ڀلا ماڻهو آڻيو جيڪي اوهان جو خيال رکڻ ملڪ جي خدمت ڪن 8فيبروري تي صرف ۽ صرف تاراجي تي ٽپو هڻي حقيقي ماڻهو آيوان ۾ آڻيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.