ڪراچي وارن کي وري بجليءَ جو جهٽڪو، اگهه ۾ 2 رپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ

ڪراچي (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي، نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي لاءِ بجلي 2 رپيا 87 پئسا في يونٽ  وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 2 روپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي، بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ جنوري کان مارچ 2023ع جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪئي وئي آهي، اضافي سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي 9 ارب رپين جو بار پوندو، ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي اگھن ۾ واڌ جو فيصلو نيپرا وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، نيپرا هڪ ئي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ٻه ڀيرا بجلي مهانگي ڪئي آهي، ان کان اڳ وفاق ۽ هاڻ ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي، نيپرا ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل ٽيرف پاليسي تحت ڪراچي جا صارفين هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ ئي ادا ڪندا، هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ کان وڌيڪ واڌ ٿيڻ تي وفاقي حڪومت سبسڊي ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.