اسلام آباد(م ڊ)بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري چيو آهي ته لاپتا ماڻهن جو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلي رهيو آهي،وارثن کي اليڪشن دوران ئي اهو مسئلو ڇو آيو آهي؟ سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وارثن کي اسلام آباد اچي سيڪيورٽي فورسز تي الزام تراشي بدران حڪومتي نمائندن ۽ سردارن وٽ وڃڻ گهرجي،نوجوانن کي نوڪريون نٿيون ملن ته اهو غلط ڪم تي مجبور ٿي ويندو،هن چيو ته مسنگ پرسنز جو مسئلو ته آهي پر اهو بليڪ ميل جو سسٽم آهي،منهنجي انهن سان همدردي آهي پر هن وقت اهي ڇو اسلام آباد آيا آهن،