بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڏ تي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

حب (رپورٽ : يار محمد بروهي ) اسلام آباد ۾  احتجاج ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڏنل الٽيميٽم ختم ٿيڻ تي احتجاج جو سڏ ڏنو. ڪوئيٽا، خضدار، نوشڪي، ڪيڇ، بليده، نال، راجنپور، سوراب، نصيرآباد ڊيرا مراد جمالي، ڊيرا رحمان جمالي، زهري، ملير، چاغي، آمين آباد، واشڪ، گوادر، قلات،، تمپ، حب سيمت ٻين علائقن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا. ٻئي پاسي بلوچ يڪجهيتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته بلوچ نسل ڪشي خلاف هلندڙ تحريڪ جي 41هين ڏينهن تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڏ تي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. ڌمڪيون، پروفائيلنگ، ايذاءُ ۽ تشدد ذريعي هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر اسان بحيثيت قوم بلوچ نسل ڪشي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.