اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال، پي ٽي آءِ کان هڪ ڀيرو وري ”بيٽ“کسجي وئي

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس اعجاز خان عدالتي فيصلي خلاف  اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل ۽ تحريڪ انصاف جو سينيئر وڪيل قاضي انور عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل قاضي انور سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف عدالت اچي سگهي ٿي؟ سندن رٽ ٺيڪ نه آهي، 26 ڊسمبر تي فيصلو آيو، جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن هنيئر تائين ويب سائيٽ تي انٽرا پارٽي چونڊ سرٽيفڪيٽ جاري ناهي ڪيو. جسٽس اعجاز پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان جي طرفان ڪو توهينِ عدالت ڪيس آيو؟ ان تي قاضي انور چيو ته اسان جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا اليڪشن ڪميشن ڇا ڪيو؟، هڪ پارٽي کي هڪ پاسي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ جمهوريت لاءِ ٺيڪ ناهي، اليڪشن ڪميشن کي هڪ سياسي جماعت خلاف استعمال نه ڪرڻ گهرجي ها، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل منظور ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر وارو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو. عدالت پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان تي پنهنجو اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو جنهن سبب پي ٽي آءِ کان هڪ ڀيرو وري بيٽ جو نشان کسجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.