رياست پنهنجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪري، اڳتي ڪو به ماڻهو گم نه ڪيو وڃي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان جي سرڪار لکي ڏئي ته آئنده ڪنهن به غير قانوني طور گم نه ڪيو ويندو، رياست کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل  ڪرڻ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته بلوچستان ۾ فرقيوار ۽ لساني بنيادن تي به ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڪي پي ۾ ۽ بلوچستان ۾ ماڻهن جي گمشدگي الڳ معاملو آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿي چيو ته ڇا حڪومت طرفان توهان اهو چئي سگهو ٿا ته ڪنهن کي به غير قانوني طور نه کنيو ويندو؟ اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل مان چئي سگهان ٿو. اعتزاز احسن جي وڪيل شعيب شاهين دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته درخواست تي اعتراض ختم ڪيا ويا آهن پر اڃا تائين نمبر نه لڳايو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڪيس هلايو وڃي. رجسٽرار کي اعتراضن خلاف لکت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم اڄ ڏنو ويندو. شعيب شاهين گم ٿيل ماڻهن بابت گذريل عدالتي فيصلن جو حوالو ڏيندي چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ايجنسين جي ڪردار کي به تفصيل سان لکيو ويو آهي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جو فيض آباد ڌرڻي ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي؟ هن چيو ته نه مجموعي طور ايجنسين جي ڪردار بابت ڳالهه ٻول ڪئي آهي. چيف جسٽس آمنه مسعود جنجوعه کي روسٽرم تي گهرائي پڇيو ته توهان جي مڙس جو حڪومت يا رياست سان ڪهڙو تعلق هو؟  آمنه مسعود جنجوعه چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن منهنجي مڙس کي 2013 ۾ مرده قرار ڏنو هو، منهنجو مڙس دوست سان ملڻ لاءِ پشاور ويو ۽ واپس نه موٽيو. آرمي چيف کي گهرائي پڇو ته منهنجو مڙس ڪاٿي آهي. منهنجي مڙس کي 2005 ۾ زبردستي غائب ڪيو ويو، جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري نوٽيس ورتو. هن وڌيڪ چيو ته مشرف جي حڪومت ۾ منهنجو ڪاروباري مڙس مقرر ٿيو هو. 2007ع ۾ پتو پيو ته آءِ ايس آءِ جي تحويل ۾ آهي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي ڪنهن سيڪشن آفيسر جو بيان نه کپي، اسان کي پاڪستان جي سرڪار لکي ڏئي ته آئنده ڪنهن به غير قانوني طور گم نه ڪيو ويندو، هن ملڪ کي پنهنجن ئي فريڪچر ڪيو آهي، رياست کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، رڳو عدالتي فيصلن سان ڪجهه نه ٿيندو.  ٻڌڻي دوران اعتزاز احسن ۽ آمنه مسعود جنجوعه گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو ته اعتزاز احسن سميت ڪير به گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن مان مطمئن نه آهي. اعتزاز احسن چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن ۾ حاضر سروس جج ويهاريو، رٽائر ٿيل کان ڪير پڇي ئي نه ٿو. سپريم ڪورٽ ڪميشن جي رجسٽرار کان سمورا تفصيل ۽ پروڊڪشن آرڊر طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪميشن پروڊڪشن آرڊر ڪيئن جاري ڪري سگهي ٿي جڏهن خبر ئي ناهي ته نوڪر ڪٿي آهي؟ وڪيل فيصل صديقي چيو ته ڪميشن ابتدائي انڪوائري ۾ طئي ڪندي ته ڪيس جبري گمشدگي جو آهي يا نه، حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو، ڪميشن 700 پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ۽ رڳو 51 تي عمل ٿيو. چيف جسٽس چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار اڄ جي ماڻهن کي نٿو ڏئي سگهجي، مسئلي جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پروڊڪشن آرڊر تي تفصيلي رپورٽ ڏيو، گم ٿيل ماڻهن ڪيس ۾ ذاتي ڳالهيون نه ٿينديون.  عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.