اسلام آباد (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان بيٽ جي چونڊ نشان تي حڪم امتناع واپس وٺڻ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين بيرسٽر گوهر سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته بيٽ جي چونڊ نشان جي بحالي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پنهنجو حڪم امتناع واپس وٺي ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ پاڪستان تحريڪ پي ٽي آءِ پنهنجي چونڊ نشان بيٽ کان ۽ بيرسٽر گوهر خان پارٽي چيئرمين شپ کان محروم ٿي ويو آهي. اڊيالا جيل ٻاهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته فيصلي جي خلاف سڀاڻي ئي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين. هاڻ ڪرپشن ۽ هارس ٽريڊنگ جي بنياد رکي پئي وڃي جيڪو به کٽيندو پر ان سان جمهوريت کي شڪست ملندي. اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. اها غلط فهمي آهي ته اليڪشن ڪميشن کي نه ٻڌو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته چونڊ نشان واپس وٺڻ پارٽي ختم ڪرڻ جي برابر آهي. مون کي 99 سيڪڙو يقين آهي ته سپريم ڪورٽ اسان کي بيٽ جو نشان واپس ڏياريندي. بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته شفاف چونڊون نه ٿيون ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي معاهدي سميت معيشت تي خراب اثر پوندا. هن چيو ته بيٽ جو نشان بحال نه ٿيو ته هر اميدوار آزاد چونڊ وڙهندو. بيرسٽر گوهر سياسي مخالفن طرف اشارو ڪندي چيو ته هي انڊر 19 کان به ڊنل آهن. جيڪڏهن اسان کي چونڊ نشان واپس نه مليو ته پلان بي تي عمل ڪنداسين.