پي ٽي آءِ جي 90 سيڪڙو اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا: لطيف کوسو

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي  اڳواڻ لطيف کوسي چيو آهي ته اسان جي اميدوارن جي رٽرننگ آفيسر (آر او) آفيس ۾ داخلا روڪي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار لطيف کوسي چيو ته هر پارٽي لاءِ ليول پلينگ فيلڊ هجڻ گهرجي، آر او آفيسن ۾ اسان جي اميدوارن جي داخلا بند ڪئي وئي. هن چيو ته ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ دوران اميدوارن جي ڪاغذن جي منظوري کي ناممڪن بڻايو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جي عدالت ۾ اسان جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. هن چيو ته اسان جي 90 سيڪڙو اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا. لطيف کوسي چيو ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ رڳو پي ٽي آءِ اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا، اسان جي اميدوارن کي ڪاغذ رد ٿيڻ جي ڪاپي نه پئي ڏني وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ سندن حمايتين سان بدتميزي ڪري رهي آهي، پوليس ۽ انتظاميا توهين عدالت جي ڏوهاري آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ تي دهشتگردي، ڦرلٽ ۽ حڪومت ۾ مداخلت جا قلم لڳايا ويا، گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ منهنجي پٽ خلاف داخل ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.