بلوچن جو ڌرڻو جاري،اسان کي ڊيڄارڻ رياست جي ٻاراڻي سوچ آهي:ماه رنگ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ بلوچستان ۾ جبري گمشدگين ۽ بلوچن جي نسل ڪشي خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ چيو ته جيڪڏهن رياست اهو سمجهي ٿي ته اسان هتي اسلام آباد پوليس جي ڌمڪي واري لهجي، تشدد ۽ گرفتاري کان ڊڄي وينداسين ۽ پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏينداسين ته اها رياست جي ٻاراڻي سوچ آهي، اسان بلوچستان ۾ پنهنجي پيارن جي چچريل لاشن کي ڪلهو ڏنو آهي، اسان پنهنجي ڏهه ڏهه نوجوانن جا لاش گڏ دفنايا آهن، اسان پنهنجو ننڍپڻ پنهنجي پيارن جي انتظار ۾ شديد تڪليف ۽ غم ۾ گذاريو آهي، اسان پنهنجي مائرن جي اها تڪليف ڏٺي جيڪو ناقابل يقين آهي، اسان يتيم ٻارن جون تڪليف واريون زندگيون ڏٺيون آهن، ۽ توهان اسان کي هتي تشدد ۽ گرفتارين کان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، تشدد ۽ گرفتارين کان اهي ڊڄن جن کي ڪجهه وڃائڻ جو ڊپ هجي، اسان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي چڪا آهيون، اسان جو سڀ ڪجهه اسان جا پيارا هئا جيڪي توهان اسان کان کسي ورتا، هاڻي اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، هن چيو ته اسان هن جدوجهد کي بلوچ نسل ڪشي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رکنداسين، هوڏانهن حامد مير جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ماه رنگ بلوچ چيو ته هتي ڪوئيٽا کان وڌيڪ سردي آهي،ڪئمپ ۾ واش روم جو مسئلو آهي پهرين پريس ڪلب وارا ڇڏيندا هئا،هاڻي اتي واش روم ۽ کاڌي پيتي جو مسئلو آهي،ڪجهه صحافي اچي بدتميزي ڪن ٿا، هن چيو ته حڪومت جا ماڻهو به اچي  ڌمڪي واري لهجي ۾ ڳالهائن ٿا، هراسان وارو ماحول آهي،هن چيو ته اسان وٽ اسلام آباد جا ماڻهو ايڪتا لاءِ اچن ٿا،ڊاڪٽر ڪئمپ تي اچي بيمارن جو علاج ڪندا آهن، ڪجهه خاندان ڪمبل وغيره به کڻي ايندا آهن، اسان کي هتي گهڻي اخلاقي سپورٽ ملي آهي، هن چيو ته  اسان پنجاب جي عوام کي پنهنجو پيغام پهچائڻ آيا آهيون،جيڪو 75 سالن کان انهن کي نه پهتو هو،  هتي 100 کان وڌيڪ مسنگ پرسنز جا خاندان موجود آهن، 20 ڏينهن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهو کنڀيا ويا اهن،بالاچ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٻن ڏينهن کانپوءِ سندس چچريل لاش مليو، خوف جو ماحول جوڙيو ويو آهي ، شاهنواز جي امڙ 85 سالن جي عمر ۾ هن ڪئمپ ۾ ويٺل آهي، کيس بلڊ پريشر ۽ دل جي بيماري آهي، بيماري باوجود به هوءَ اتان وڃڻ لاءِ تيار ناهي، جيستائين انهن جا پيارا واپس نٿا اچن اسان هتان نه اٿنداسين، اسلام آباد ۾ اسان سان غيرانساني سلوڪ ٿي رهيو آهي، هڪ پيرسن ٻڌايو ته منهنجي 15 سالن جي پٽ فتح يار کي گم ڪيو ويو آهي، ناصر بلوچ چيو ته منهنجو پٽ ته بازياب ٿي ويو آهي پر مان هن ڌرڻي ۾ موجود هوندس جيستائين ٻين جا وارث واپس گهر نٿا پهچن،شهيد بالاچ جي ڀيڻ نجمه بلوچ چيو ته منهنجي ڀاءُ کي بيگناهه ماريو ويو، سي ٽي ڊي وارن کي سزا ڏني وئي، بالاچ کي عدالت ۾ آندو ويو ته هو گهڻو خوش هو، ٻئي ڏينهن انهن اسان جي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سمي دين بلوچ چيو ته پهرين به ڳالهيون ڪيون ويون، عمران حڪومت ۾ به ڪميٽي ٺهي هئي،گذريل سال به ڪوئيٽا ۾  اسان 50 ڏينهن گورنر هائوس آڏو ويٺل هئاسين، راڻا ثناءٌ الله،اعظم نذير تارڙ، شازيه مري، ڪامران مرتضيٰ به اسان وٽ آيا، اعظم نذير لکت ۾ خاطري ڪرائي هئي، اسان 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي لسٽ ڏني هئي، بعد ۾ تابش وسيم نالي بلوچ شاعر نوجوان کي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو، حڪومت سنجيدگي ۽ ذميواري نه پئي ڏيکاري، ان کان اڳ به اسان احتجاج ڪيا، پر ڪٿي به سنجيدگي ناهي، صحافي سميعه حفيظ چيو ته مون کي به گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آمنه مسعود جنجوعا چيو ته گم ٿيلن جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، منهنجي خواهش آهي ته اسان جي پٽيشن کي سياسي پٽيشن سان نه ڳنڍيو وڃي، اسلام آباد پوليس انهن کي تنگ ڪري رهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.