اسلام آباد ( م ڊ ) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي اپيڪس ڪميٽي سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاليسي سازي جي مختلف قدمن جي منظوري ڏني، جنهن ۾ گهريلو تڪرار جي حل واري ميڪنزم کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي اپيڪس ڪميٽي جو اٺون اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطحي سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب مختلف وفاقي وزارتن اجلاس کي اهم شعبن ۾ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ متوقع سيڙپڪاري جي بروقت مڪمل ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن ۾ واڌ کي ساراهيو جنهن ۾ سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري جي معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمت جي ياداشتن ۽ فريم ورڪ جي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. فورم انهن ايم او يوز کي تيزيءَ سان اقتصادي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي نجڪاري تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مختلف اهم هدفن جي بروقت مڪمل ڪرڻ ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرز جي تعاون کي ساراهيو ۽ رفتار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. ڪميٽي معيشت جي اهم شعبن ۾ اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ انساني وسيلن جي ترقيءَ لاءِ جاري شموليت واري انداز کي ساراهيو. ڪميٽي ذخيره اندوزن ۽ اسمگلرن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو عزم ڪيو. آرمي چيف ملڪ جي معاشي بحالي لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت لاءِ پاڪ فوج جي ڪمزور نه ٿيندڙ عزم جو يقين ڏياريو. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته هو ايس آءِ ايف سي جي مختلف قدمن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪن ته جيئن انهن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي.