فهميده مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي فارم رد

ڪراچي (رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي فارم رد ٿي ويا، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي ) اڳواڻ فهميده مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته فهميده مرزا کي اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، پيپلزپارٽي جي سعديه جاويد پاران فهميده مرزا جي ڪاغذن تي اعتراض داخل ڪيا هئا، اعتراض ڪيو ويو هو ته فهميده مرزا 21 ڪروڙن جي بئنڪ ڊفالٽر آهي، بئنڪ  ڊيفالٽر چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي، فهميده مرزا جي 2 ملين رپين جي نادهنده هجڻ جو اعتراض سعديه جاويد داخل ڪيو هو، لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته اسٽيٽ بينڪ موقف اختيار ڪيو ته فهميده مرزا جي ڪمپني قرضي آهي، اها ذاتي طور تي قرضي نه آهي، اليڪشن ڪميشن جي فصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فهميده مزرا تي آئين جي آرٽيڪل 63 ون اين لاڳو ٿئي ٿو، جڏهن ته حسنين مرزا  چيو آهي ته ذوالفقار مرزا جي چئن تڪن بابت اپيلون داخل ڪيون ويون آهن، ڊاڪٽر فهميده مرزا طرفان به نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر فهميده مرزا کي چار دفعا ڪليئر قرار ڏنو آھي، جيڪڏهن پهرين جنوري تي عام موڪل هئي ته ان جو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو وڃي،پھرين جنوري تي عام موڪل واري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربين رپين جو ڪاروبار ڪيئن ٿيو، هڪ فرد ۽ هڪ ڪمپني وچ ۾ فرق آهي ۽ انھن جا قانون به الڳ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.