مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل داخل

لاهور (م ڊ ) لاهور جي تڪ اين اي 119 تان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري  خلاف ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. مريم نواز جي ڪاغذن جي منظوري خلاف نديم شيرواڻي اپيل داخل ڪئي، اپيل ۾ اين اي 119 جي رٽرننگ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز نامزدگي ڪاغذن ۾ حقيقتون لڪايون، ڪاغذن ۾ صحيح حقيقتون بيان نه ڪيون. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته مريم نواز جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.