ڪراچي ( رپورٽر ) اليڪشن ٽربيونلز ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن تي اليڪشن ڪميشن، ڊي آر او ۽ آر اوز کان جواب طلب ڪري ورتو. اين اي 214 تان پي ٽي آءِ اميدوار شاهه محمود قريشي جي اپيل تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اين اي 214 تان زين قريشي جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن، آر او ۽ ٻين کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اين اي 238 تان پي ٽي آءِ اميدوار حليم عادل جي اپيل تي پارٽين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. اين اي 241 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار مرزا اختيار بيگ ۽ اين اي 234 تان ايم ڪيو ايم جي اميدوار صادق افتخار جي اپيل تي ريٽرننگ آفيسر کان به رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.