اڳوڻي ايم اين اي محسن داوڙ جي گاڏي تي فائرنگ، معجزاڻي طور محفوظ رهيو

پشاور)م ڊ )  اتر وزيرستان ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ جي گاڏي تي حملو ٿيو آهي. ڊي پي او اتر وزيرستان روحان زيب محسن داوڙ جي گاڏي تي فائرنگ جي تصديق ڪندي چيو ته محسن داوڙ کي پوليس سيڪيورٽي هئي، اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ حملي آور فرار ٿي ويا. پوليس موجب، گاڏي کي ڪيتريون ئي گوليون لڳيون، پر گاڏي بلٽ پروف هجڻ سبب محسن داوڙ محفوظ رهيو. ڊي پي او روحان زيب چيو ته محسن داوڙ کي فول پروف سڪيورٽي ڏني وئي آهي، هو مڪمل محفوظ آهي، جڏهن ته اڻڄاتل شدت پسندن خلاف سرچ آپريشن جاري آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ڊي آءِ خان ۾ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.