شهباز شريف جا ڪراچي جي تڪ 242 تان ڪاغذ چئلينج

ڪراچي ( رپورٽر ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جا  ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي. پ پ اميدوار مسعود خان مندوخيل شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته رٽرننگ آفيسر منهنجا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. ريٽرننگ آفيسر شهبازشريف جا نامزدگي ڪاغذ تڪڙ ۾ منظور ڪري ورتا، قانوني گهرجن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.دخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ريٽرننگ آفيسر جي 29 ڊسمبر واري فيصلي کي قالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.