عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي کي برداشت نه ڪندو:صدرالدين شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي پارلياماني بورڊ ۽ ڪور ڪميٽي جو  اجلاس چيف ڪنوينر سيد صدر الدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ  ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاهه، لياقت علي جتوئي،  ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم،سردار عبدالرحيم، عرفان الله مروت، اياز لطيف پليجو، سيد زين شاهه، بئريسٽر حسنين مرزا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ سڄي سنڌ مان جي ڊي اي اميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي سيد صدر الدين شاھھ راشدي چيو تھ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ شفاف چونڊون عوام جو پراڻو مطالبو آهي. ھن وڌيڪ چيو تھ عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي کي برداشت نه ڪندو. ھن چيو تھ راند جي ميدان کي پڻ لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ سطح جي راند جي ميدان جي ضرورت آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو تھ پندرهن سالن تائين سنڌ ۾ ڌانڌلي جي نتيجي ۾ هڪ پارٽيءَ جي حڪومت قائم رهي. سيد مظفر حسين شاهھ چيو تھ جي ڊي اي جو عوامي منشور سنڌ ۾ انقلاب آڻيندو. اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو تھ ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ کي ٻوڏ ۾ ٻوڙيندڙن کي عوام ٻوڙي ڇڏيندو. ھن چيو تھ شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادي سنڌ صوبي ۾  حڪومت ٺاهيندا، اياز لطيف پليجو چيو تھ عوام لٽيرن ۽ ڦورو سياستدانن کي سڃاڻي ورتو آهي، انهن لٽيرن جو مقدر جيل جون سلاخون آهن. سيد زين شاهھ چيو تھ ووٽ جي طاقت ئي اصل طاقت آهي عوام ووٽ ذريعي اليڪشن ۾ زرداري مافيا کي شڪست ڏيندو. سردار عبدالرحيم ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن، احتساب کان سواءِ چونڊون ملڪ جي مفاد ۾ ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.