ٻن اهم ادارن ۾ عمران پراجيڪٽ جي باقيات موجود!

لاهور (عوامي  آواز نيوز) ملڪي حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ٻن اهم ادارن اندر عمران پراجيڪٽ جي باقيات اڃان تائين نه صرف موجود  آهي پر سياست ۽  سماج ۾ پکڙيل گند جي صفائيءَ  ۾ به رڪاوٽ آهي.

نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته فيض آباد ڌرڻي بابت جاچ ڪميشن ۾ ٻه ڀيرا نوٽيس ملڻ باوجود جنرل (ر) فيض حميد جو پيش نه ٿيڻ چٽو ثبوت آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پراڻي روايت کان هڪ دم به پٺتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جو مطلب آهي ته فيض حميد جو تحفظ ڪندڙ اڃان به سگهارا آهن، جڏهن ته ڪميشن آڏو هڪ اڳوڻو وزيراعظم پيش ٿي چڪو آهي ٻئي اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس ملي چڪو آهي جيڪو پيش ٿيڻ  لاءِ تيار آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ڪميشن کي قانوني سمجهن ٿا ۽ قانون تي عمل ڪري رهيا آهن.

پر اڳوڻو جنرل قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جون ماتحت عدالتون اڃان تائين هڪ سياسي پارٽيءَ  جي حق ۾ فيصلا ڏئي رهيون آهن، نتيجي طور سياسي غير يقينيءَ جو خاتمو پري پري تائين نظر نٿو اچي ان ڪري ملڪ جي ٻنهي اهم ادارن کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو. گند جي صفائي لاءِ اهم قدم کڻڻا پوندا. ان ڏس ۾ سياستدانن کي به خاموشي ٽوڙي اڳتي اچڻو پوندو. آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ  لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 04 جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.