معاهدي جي حمايت واپس وٺون ٿا، پي ٽي آءِ جو آءِ ايم ايف کي خط

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ ا نصاف اڃان تائين ملڪ دشمن قدم کڻڻ کان مڙڻ لاءِ تيار نه آهي.

نامياري صحافي نصرت جاويد انڪشاف  ڪيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط ملڻ واري آهي عين ان موقعي تي آءِ ايم ايف کي پي ٽي آءِ خط لکيو آهي ته معاهدي جي ان ڪري پي ٽي آءِ  حمايت ڪئي هئي ته ملڪ ۾ جلد صاف ۽ شفاف چونڊون ٿينديون، هڪ چونڊيل سول حڪومت اقتدار سنڀاليندي پر صاف شفاف چونڊون ٿينديون، نظر نه ٿيون اچن ان ڪري پي ٽي آءِ معاهدي جي حمايت  واپس وٺي ٿي.

سينيئر صحافي موجب  اهڙو خط لکڻ جو مقصد اصل ۾ قرض جي قسط روڪرائڻ جي ڪوشش آهي. ان عمل کي ڪنهن به طور هاڪاري نٿو  چئي سگهجي، ان کي ملڪ دشمن عمل ئي چئي سگهجي ٿو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 04 جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.