اليڪشن ڪميشن ۾ پراسرار سرگرميون، ڪارين ويگو گاڏين جي اچ وڃ، گڏجاڻيون شروع

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي ڳجهن ادارن کي رپورٽون ملڻ شروع ٿي ويون آهن ته چونڊ مهم جي جلسن ۾ دهشتگرديءَ جو خدشو آهي، جڏهن ته پولنگ واري ڏينهن به خطرناڪ دهشتگرد حملا ٿي سگهن ٿا. جنهن جي رٿابندي ٿي چڪي آهي، رٿابندي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي وڳوڙي شامل آهن.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اهڙن اطلاعن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار سرگرميون ٿي رهيون آهن، ڪارين ويگو گاڏين ۾ نامعلوم  ماڻهون اليڪشن ڪميشن آفيس پهچن ٿا ۽ شايد ڳجهي گڏجاڻي ڪري واپس وڃن ٿا. ڪارن شيشن واريون ڪاريون ويگو گاڏيون 24 ڪلاڪن ۾ٻه ٻه ڀيرا به اليڪشن آفيس اچن ٿيون ۽ وري واپس ٿين ٿيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهيون گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، جن ۾ ايف آءِ اي جو ڊي جي به شريڪ هجي ٿو. انهن گڏجاڻين ۾ ملندڙ رپورٽن جو جائزو ورتو وڃي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻين ۾ غور ڪيو پيو وڃي ته سياستدانن کي پابند بڻايو وڃي ته جنهن علائقي ۾ چونڊ مهم لاءِ جلسو ڪن ته  هفتو اڳ اطلاع ڏين جيئن سيڪيورٽيءَ جو اڳواٽ مناسب انتظام ڪري سگهجي.

ان سلسلي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کان به رپورٽن جي روشنيءَ  ۾ رپورٽ ورتي ويندي. جڏهن ته معاملي جي سنگينيءَ بابت بچاءَ  واري وزارت ڳجهين ايجنسين کان ملندڙ رپورٽن جي روشنيءَ ۾ هڪ مفصل رپورٽ تيار ڪري سپريم ڪورٽ ۾ به پيش ڪندي.

صحافي موجب، جيئن جيئن چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي تئين تيئن ڏيهي ۽ پرڏيهي دشمن سرگرم ٿي رهيا آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 04 جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.