لاهور (ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فيض حميد اسان تي تحريڪ انصاف کي مڙهيو، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ اشرافيا جا نمائنده آهن، ڪنهن کي ڳالهه وڻي يا نه لاهور اليڪشن وڙهڻ آيو آهيان، هڪ جماعت هميشه ڌانڌلي ۽ سليڪشن چاهيندي پئي.
سي اي سي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري مون کي وزير اعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي، نئين سياست شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ باني جي چونڊ وڙهڻ لاءِ قانوني ڏکيائيون آهن.مشڪل لڳي رهيو آهي ته عدالت هڪ کي نااهل قرار ڏئي ۽ ٻيئي کي اهل قرار ڏئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 30 لک پاڪستانين کي گهر ٺاهي ڏينداسين، ٻوڏ متاثرن کي 20 لک گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون، ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏينداسين، يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوانن کي هڪ سال لاءِ مالي مدد فراهم ڪنداسين، هارين کي هاري ڪارڊ ٺاهي ڏينداسين،ملازمن جي پگهار ٻيڻي ڪنداسين.
بلاول چيو ته پاڪستان ۾ معاشي ۽ سياسي بحران آهي، امن ۽ امان جو به مسئلو آهي، پاڪستان معاشي ڏکيائين لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي، مسئلن جي حل جو پلان اسان وٽ موجود آهي. پيپلز پارٽي چونڊن مهم چئني صوبن ۾ هلائيندي. هن چيو ته مان ناراض ناهيا هوندو، ميڊيا ناراض قرار ڏيندي آهي، دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪيون ٿا، پيپلز پارٽي جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان مقابلو ناهي، پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته خبر ناهي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ مان منهنجو مقابلو ڪير ڪندو، ڀلي لاڙڪاڻي اچي مون سان مقابلو ڪن، پوري ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، 8 فيبروري تي چونڊون ضرور ٿينديون،هن چيو ته پ پ انقلابي منشور جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پ پ جي منشور ۾ عام ماڻهو لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، بي آءِ ايس پي ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين، نفرت ۽ ورڇ جي سياست ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.