فيض حميد ڌرڻو ڪميشن کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد فيض آباد ڌرڻو ڪميشن کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

ذريعن موجب، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ڪميشن طرفان ڏنل سوالن جا جواب ڏنا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد جواب ۾ چيو ته 2017ع ۾ لڳل ڌرڻي ۾ ان وقت حڪومت جي هدايت تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون هيون.

ذريعن موجب فيض حميد پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته 2017ع ۾ ان وقت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ گهروڳ وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪابينا جو هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ انٽيلجنس جي سربراهه نويد مختار ۽ ملٽري قيادت به شريڪ ٿي، سمورن ماڻهن جي گڏيل هدايتن تي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪيون هيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد حڪومت خلاف سازش ڪرڻ وارن الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.