مرزا خاندان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارو مامرو، اليڪشن ڪميشن آر اوز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل مرزا فيملي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ٽربيونل طرفان 8 جنوري تي ڌرين کان جواب ۽ اعتراض طلب ڪيا ويا، بدين جي ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تان ذوالفقار مرزا، فهميدا مرزا، حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا هئا.

مرزا فيملي جي اميدوارن تي بينڪ جو باقيدار هئڻ جي الزامن کي جواز ڄاڻائي نامزدگي  ڪاغذ رد ڪيا ويا.

 گذريل ڏينهن حسنين مرزا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ فارم بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.