نيب سزا يافتا لاءِ ڏهه سالا نااهلي وارو مدو بحال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب سزا يافتا لاءِ 10 سالا نااهلي وارو مدو بحال ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سينيئر اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب محمد رافع عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته 62 ون ايف ۾ نااهلي بابت ڇا لکيل آهي؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر نيب جي سزا يافتا جي 10 سالا نااهلي جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته فائق علي جمالي جي سزا سپريم ڪورٽ تائين برقرار رهي آهي ۽ نيب قانون موجب نااهلي ڏهه سال رهندي.
عدالت نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنگل بئنچ وارو فيصلو معطل ڪري ان تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي نيب سزا يافتا لاءِ ڏهه سالا نااهلي جو مدو بحال ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.