غزا تي اسرائيلي فوج جا حملا، وڌيڪ 128 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جا وحشياڻا حملا جاري آهن. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 128 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب 261 فلسطيني زخمي ٿيا آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 22 هزار 313 ٿي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 57 هزار 296 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.