اليڪشن ٽربيونل ۾ فارم رد ٿيڻ خلاف 242 اپيلون داخل 

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل  ۾ عام چونڊن لاءِ رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون آخري ڏينهن تي به داخل ڪيون ويون،  مجموعي طورتي 242 اپيلون داخل ڪيون ويون جيڪي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين مان داخل ڪيون ويون، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، حسينن مرزا ۽ حسام مرزا، تحريڪ انصاف حيدرآباد جي بي ايس 63  تي اميدوار فيصل مغل، پي ايس 108سني تحريڪ جو سربراهه ثروت اعجاز قادري، ايم ڪيو ايم لنڊن جي نثار پنهور، آفتاب بقائي،آزاد اميدوار ٽنڊومحمد خان پي ايس 66 تان غلام مرتضيٰ لغاري، جماعت اسلامي جي پي ايس ٺٽو 76جي اميدوار محمد خان، جماعت اسلامي جي اميدوار تسڪين ڀٽو اين اي 211ميرپورخاص، اين اي 250تان تحريڪ انصاف جي غلام رسول، پي ايس 100 تي تحريڪ انصاف اميدوار محمد عظيم، اين اي 236تان آزاد اميدوار فيصل مجيب، اين اي 212 ميرپورخاص تي تحريڪ انصاف اميدوار سيد ممتاز شاهه، اين اي 63 تان فرحين مغل، ميرپورخاص اين اي 111تان تحريڪ انصاف جي اميدوار رخسانه ڪوثر پنهنجا نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.