حيدرآباد ۾ سماجي اڳواڻ ڪشش خواجا کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج، ساڃاهه وند شريڪ

حيدرآباد (رپورٽر) سياسي، سماجي ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورت اڳواڻ ڪشش خواجا کي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پهچي وئي، احتجاج ۾ جسقم، سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪارڪنن،  مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران اماڻيل اجرڪ اوڍايو، ڪشش خواجا ڳالهائيندي چيو ته آئون سنڌ جي مظلوم نياڻي آهيان، مون سدائين سنڌ جي مظلوم ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو آهي، هن وقت مون کي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ غنڊا ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن، مون کي ڌمڪائي حراسان ڪيو پيو وڃي، هن اپيل ڪئي ته انصاف ۽ تحفظ لاءِ منهنجو ساٿ ڏنو وڃي، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ديدار شام چيو ته جسقم مظلومن سان گڏ آهي، صنعان خان قريشي جي حڪم تي جسقم ڪارڪن احتجاج ۾ شريڪ آهن، انصاف ڏيارڻ لاءِ اسان نياڻي ڪشش خواجا سان گڏ آهيون، جڏهن ته جسقم ضلعي حيدرآباد جي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ نواب بڙدي، پي ٽي آءِ جي نازش فاطمه، سنڌ هاري ڪاميٽي جي فقير ولايت نوناري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد معاملي کي سنجيده وٺي پنهنجو ڪردار ادا ڪري, ايس ايس پي پاران جوڙيل ڪاميٽي کي انصاف جي فراهمي لاءِ نياڻي سان سهڪار ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.