ن ليگ پاران بلوچستان ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري

ڪوئيٽا(م ڊ) مسلم ليگ ن بلوچستان جي حوالي سان مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ بعد صوبائي اسيمبلي جي 42 ۽ قومي  اسيمبلي جي 16 اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن. مسلم ليگ ن بلوچستان لاءِ پارٽي ٽڪيٽن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اين اي 251 تان نوابزاده طور گل، اين اي 252 تي سردار محمد يعقوب خان، اين اي 253 تي مير دوستان خان،اين اي 254 تي عبدالغفور، اين اي 255 تي مير خان محمد جمالي، اين اي 256 تي عبدالخالق، اين اي 257 تي اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال خان اميدوار هوندو،اين اي 258 تي اسلم بليدي، اين اي 259 تي يعقوب بزنجو، اين اي 260 تي سردار فتح محمد، اين اي 261 تي مير عطاءُ الله لانگو، اين اي 262 تي نواب سلمان خان خلجي، اين اي 263 تي جمال شاهه ڪاڪڙ، اين اي 264 تي حاجي عرض محمد، اين اي 265 تي سعيدالله ترين، اين اي 266 تي حاجي عبدالمنان خان اميدوار هوندا

  • توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس، عمران خان ۽ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي ( م ڊ ) توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم  لاڳو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ فواد چوڌري عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.عدالت جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌائي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • پاڪستان ۾ ماڻهن جي بيمار ٿيڻ جو سبب انفلوئنزا وبا آهي: اين آئي ايڇ

اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آئي ايڇ) جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ماڻهن جي بيمار ٿيڻ جو سبب  انفلوئنزا جي وبا آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انفلوئنزا اي جي ذيلي قسم ايڇ 2 اين2 سڄي ملڪ ۾ ماڻهن کي بيمار ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڪووڊ-19 ڪيسن جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. اختيارين موجب سڄي پاڪستان مان هر هفتي انفلوئنزا جا هزارين ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، ٻارن ۾ زڪام، کنگهه ۽ بخار آر ايس وي وائرس سبب ٿيندو آهي، انفلوئنزا بزرگن ۽ ڪمزور مدافعتي نظام وارن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت انفلوئنزا جي ويڪسين موجود ناهي، انفلوئنزا کان بچڻ لاءِ ماسڪ جو استعمال ڪريو ۽ پنهنجا هٿ بار بار ڌوو، انفلوئنزا جي صورت ۾ ڪڏهن به اينٽي بايوٽڪ دوائن جو استعمال نه ڪيو وڃي.

  • پرويز الاهي جي اڊيالا جيل ۾ طبيعت خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اڊيالا  جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي. جيل ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اڊيالا جيل کان راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پرويز الاهي کي دل ۾ تڪليف ۽ سيني ۾ انفيڪشن جي شڪايت هئي. پرويز الاهي جو طبي معائنو جيل اسپتال ۾ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته ان کان اڳ به چوڌري پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.