پي ٽي آءِ جا 1996 اميدوارن جا فارم بحال، 624 جا ڪاغذ رد

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪُل 2620 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي 1996 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا جڏهن ته 624 اميدوارن جا ڪاغذ رد ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 39 اميدوارن مان 17 جا نامزدگي ڪاغذ رد ۽ 22 جا منظور ڪيا ويا. ذريعن ٻڌايو ته پنجاب ۽ اسلام آباد مان 389 اميدوارن مان 127 جا نامزدگي ڪاغذ رد ۽ 262 منظور ٿيا جڏهن ته سنڌ ۾ 181 اميدوارن مان 46 جا نامزدگي ڪاغذ رد ۽ 135 جا منظور ٿيا. ذريعن موجب، ڪي پي ۾ 234 مان 55 اميدوارن جا ڪاغذ رد ۽ 179 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.