ايران ۾ قاسم سليماني جي چوٿين ورسي، قبرستان ويجهو 2 ڌماڪا، 188 شهيد، 141 زخمي

تهران ( م ڊ ) ايران جي شهر ڪرمان ۾ قبرستان  ويجهو ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ 188 ڄڻا مارجي ويا ۽ 141 زخمي ٿي پيا. ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني به ان ئي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. ايراني ميڊيا موجب قبرستان جي دروازي وٽ ڌماڪيدار مادي سان ڀريل 2 ٿيلها رکيا ويا هئا، ڌماڪي وقت قاسم سليماني جي قبر تي فاتحه خواني لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. ايراني ميڊيا موجب ڌماڪن کانپوءِ شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي. ايراني ميڊيا موجب سيڪيورٽي اختيارين صورتحال جي جاچ ڪري رهيا آهن. ايراني ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ لاءِ 5 اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ايراني ميڊيا موجب قاسم سليماني جي چوٿين ورسي ايران ۾ ملهائي وئي، هو 3 جنوري 2020ع تي عراق ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ شهيد ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.