پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، احسن اقبال منهنجي تڪ ۾ ريليون ڪڍيون: دانيال عزيز

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز پارٽي شو ڪاز جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. دانيال عزيز پارٽي اختيارين کي 3 صفحن تي ٻڌل جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مان پنهنجي بيان تي قائم آهيان. جنهن جي جواب ۾ ن ليگ اڳواڻ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي ڪنهن به ڊسپلن ۽ پاليسي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.دانيال عزيز وڌيڪ چيو ته احسن اقبال منهنجي تڪ ۾ پٽ لاءِ ريليون ڪڍيون. هن چيو ته مان منصوبابندي واري وزير جي حيثيت سان احسن اقبال جي ناڪامين جي ڳالهه ڪئي. ضابطن موجب معاشي مسئلن جو ذميوار احسن اقبال آهي،  هن چيو ته سندس مختلف آپريشن ٿي رهيا آهن ان ڪري هو بروقت جواب نه ڏئي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.