پ پ سنڌجي عوام جو رت چوسڻ لاءِ جلد چونڊون چاهي ٿي: جي يو آءِ ترجمان

ڪراچي (م ڊ) جميعت علماءِ اسلام ف جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته  پيپلزپارٽي سنڌجي عوام جو رت چوسڻ لاءِ جلد چونڊون  چاهي ٿي، پر چونڊن جا نتيجا ڏسي پ پ قيادت پڇتائيندي، جي يو آءِ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عوام هاڻي پ پ کي سنڌ ۾ ڳاڙهي لغڙي ڏيکاريندو، اسلم غوري چيو ته نثار کهڙو، سعيد غني ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي جهڙن ماڻهن پ پ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. پ پ وٽ نيازي وانگي الزام ۽ تنقيد کان سواءِ ڪجهه به ناهي، هن چيو ته پ پ بلاول کي پهريان ايم اين اي ته چونڊرائي وزيراعظم جا خواب بعد ۾ڏسي، پ پ کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪرائي تي به اميدوار نه ٿو ملي، هن چيو ته آدمشماري جي بنياد تي تڪبدين جي فيصلي ۾ پ پ شامل هئي. جي يو آءِ نه اسلم گوري چيو ته  زرداري جي سموري سياست چالبازي ۽ سازشن تي ٻڌل آهي. سازشن کان سواءِ زرداري اينڊ ڪمپني ڪڏهن به اقتدار ۾ نٿي اچي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.