اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪريو سختي نه

اسلام آباد پريس ڪلب جي ٻاھران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل گم ٿيل بلوچ جي وارثن جو چوڻ آھي ته پوليس کين امدادي سامان، جنھن ۾ ڪمبل، ڪپڙا ۽ کاڌي پيتي جون شيون شامل آھن. وٺڻ کان روڪي رھي آھي. ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ چيو آھي ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ڌرڻي خلاف ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ مقامي پوليس ۽ ڳجھا ادارا اسان کي ھراسان ڪرڻ لڳا آھن.

وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ڪجھه ڏينھن اڳ ڪيل خطاب ۾ نه رڳو بلوچن پر سڄي پاڪستان ۽ دنيا جي ماڻھن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيو آھن.  نه رڳو وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پر ان کان پھريان سڌ سماءُ جي وزير جان اچڪزئي ۽ اڳوڻي نگران گھرو  وزير سرفراز بگٽي به اھڙا چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيندا رھيا آھن، جنھن سان ڏکويل خاندانن جي ڏکن  ۾ ته واڌارو ٿيو ئي پر ان سان انسان دوست ۽ حق پرست ماڻھن کي به تڪليف پھتي.

ياد رھي ته وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ٻين وزيرن جو چوڻ ھو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻھن جو ڪو به اشو ناھي، جڏھن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي پڻ چئي چڪو آھي ته لاپتا ماڻھن جو مسئلو سنجيده آھي، جنھن جو اسان کي گڏجي حل ڪڍڻو پوندو.

حقيقت اھا آھي ته گم ٿيل ماڻھن جو مسئلو نه رڳو ملڪ ۾ موجود آھي، پر اھو ڳنڀير پڻ بڻجي چڪو آھي. مسئلا تڏھن حل ٿيندا آھن، جڏھن انھن کي تسليم ڪيو وڃي، مسئلن کان انڪار جو مطلب مسئلن کي وڌائڻ آھي، ۽ جڏھن مسئلا وڌي ويندا آھن ته پوءِ اھي ڪنھن سانحي جو سبب بڻجندا آھن. ملڪي تاريخ ۾ ھڪ ڀيرو وري مسئلن جي حقيقتن کان انڪار ۽ طاقت جو استعمال ڪري ڪنھن نئين سانحي  لاءِ سانباھا ڪيا پيا وڃن.

ڏٺو وڃي ته گم ٿيل ماڻھن جو مسئلو سڄي ملڪ جو مسئلو آھي، پنجاب، خيبرپختوخواه ۽ سنڌ جا ماڻھون به لاپتا ٿيل آھن، ۽ انھن جي گمشدگي جون خبرون نه رڳو ڏيھي پر پرڏيھي ميڊيا جون به زينت بڻجنديون رھن ٿيون، جڏھن ته بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻھون لاپتا ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آھن. جبري گمشدگين خلاف قانون سازي ڪرڻ جي ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي. شيرين مزاري قومي اسيمبيلي مان ٺھراءُ منظور ڪرايو ته اھو سينيٽ ۾ گم ٿي ويو، ان کان سواءِ رضا رباني، افراسياب خٽڪ ۽ فرحت بابر  پڻ ڪوشش ڪئي، پر سندن ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون.

ھڪ ته ماڻھن کي جبري طور تي لاپتا ڪيو وڃي ٿو، جيڪو غير قانوني عمل ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي، ۽ ٻيو ته ان عمل خلاف ڪنھن کي پر احتجاج ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي، ظاھر آھي جن ماڻھن مٿان ظلم ٿيندو اھي دانھن ۽ شڪايت ته ضرور ڪندا. جيڪڏھن ڪير به ڪنھن تخريب ڪاري ۽ ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوث آھن ته انھن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ کين عدالتن جي حوالي ڪيو وڃي. جبري گمشدگيون ملڪي بدنامي سان گڏ  ادارن جي نااھلي پڻ ظاھر ڪن ٿيون، جيڪي گم ٿيل ماڻھن خلاف ڪو به ثبوت گڏ ڪري نٿا سگھن.

اسلام آباد پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون وڃن ۽ سندن جائز مطالبا مڃيا وڃن، ڇا ڪاڻ ته ان مامري کي عالمي قوتون ۽ پرڏيھي ميڊيا مانيٽر ڪري رھي آھي، ان معاملي ۾ ھر غير سنجيده عمل ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، جنھن سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن، ڇو ته سياسي مسئلا طاقت جي استعمال  سان ڪڏھن به حل ٿي ناھن سگھندا.

  • چونڊن ۾ عوام جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي

پشاور ھاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ  انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان  ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو ۽ اھڙي طرح پي ٽي آءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي پراڻي چونڊ نشان بيٽ کان محروم ٿي وئي آھي. ياد رھي ته  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏنو  ھو،  جنھن کان پوءِ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان کسجي ويو ھو، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي کي پشاور ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ھو.

ھونئن ته ملڪي تاريخ ۾ اھڙي ڪا چونڊ شايد ئي ٿي ھجي، جيڪا تڪراري نه ھجي، جنھن ۾ عوامي راءِ کي اھميت ڏني وئي ھجي، پر ايندڙ چونڊون ملڪي تاريخ جون سڀ کان منفرڊ چونڊون ثابت ٿي سگھن ٿيون، جنھن جا نتيجا ھاڻ کان ئي نظر اچڻ لڳا آھن، ته اقتدار جون واڳون ڪنھن جي حوالي ڪيون وينديون.

ملڪي اقتدار ھميشه انھن جي ئي حوالي ڪيو ويندو رھيو آھي، جن کي اسٽيبلشمينٽ قبول ڪندي رھي آھي، عوامي راءِ کي اوليت نه ڏيڻ سبب ئي ملڪ ۾ ڪڏھن به حقيقي عوامي حڪومت قائم نه ٿي سگھي آھي،  اھو ئي سبب آھي جو ھر دور ۾ عوام جا مسئلا حل ٿي نه سگھيا

ملڪي استحڪام لاءِ ضروري آھي ته ڪنھن به سياسي پارٽي جي پٺڀرائي ڪرڻ جي بدران عوام جي راءِ جو قدر ڪيو وڃي ۽ عوام کي ئي چونڊ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.