لڳي ٿو پاڪستان ۾ چونڊ ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس چيو آهي ته مون کي لڳي ٿو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي، عدالتون اليڪشن جي لاءِ هر سياسي جماعت جي پٺيان بيٺل آهن، اسان اهو ڪيئن چئون ته فلاڻي پارٽي جا نامزدگي  ڪاغذ منظور ڪيو ۽ فلاڻي پارٽيءَ جا رد ڪيو؟ ٽربيونلز ۾ وڃي اپيلون داخل ڪيو، ان کانپوءِ ايندا  ته توهان کي ٻڌنداسين. ليول پليئنگ فيلڊ بابت پي ٽي آءِ جي توهين عدالت ڪيس جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسي چيو ته اسان کي خبر آهي ته 35 پنڪچرز جي ڳالهه به هن ئي عدالت ۾ ٿي هئي. چيف جسٽس چيو ته اهي ڳالهيون ان وقت جي ججز رد ڪيون هيون، لطيف کوسي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو نه پيو ڪري .  چيف جسٽس چيو ته اهو چيف اليڪشن ڪمشنر به توهان جو لڳايل آهي، هتي ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ وارو نه آهي، توهان جي توهين عدالت واري سموري درخواست پڙهي آهي، هن ۾ ڪو به الزام ناهي رڳو جنرل ڳالهيون ڪيون ويون آهن،  اليڪشن ڪميشن اسان جي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ جمع ڪرائي آهي.  لطيف کوسي چيو ته اسان کي اها رپورٽ نه ملي آهي، چيف جسٽس چيو ته توهان کي اسان رپورٽ ڏئي ٿا ڇڏيون، لطيف کوسي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ هتي روز نه ويهنداسين، هي ڪو آکاڙو ناهي جو جنهن جو آواز اوچو هجي ان کي ٻڌون.  لطيف کوسي چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن وارا ٻڌائين ته هنن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڇو نه پئي ملي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هنن کي مڪمل ليول پليئنگ فيلڊ ملي رهي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.