اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران ڌرڻي تي ويٺل بلوچ مظاهرين کي هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته بلوچ احتجاج ڪندڙن کي هراسان نه ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار طرفان وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته لائوڊ اسپيڪر کنيا ويا، رات جي وقت هراسان ڪيو وڃي ٿو، ٻيهر ڪارروائي جو خدشو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي آپريشنز کي 5 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪري ورتو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو شاهراهه دستور تي ٽي ٽي مهينا ڌرڻو هڻندا آهن، عدالتن کي گاريون ڏيندا آهن، هتي وڏا احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا، هتي ڪو به عوام جا حق مڃڻ لاءِ تيار ناهي.