ڪڙيو گهنور ڀرسان هٿياربندن جو حملو، 2 نوجوان قتل، نينگري مرڻينگ

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڪڙيو گهنور ڀرسان هٿياربندن جي حملي ۾ مني تي ڪم ڪندڙ 2 نوجوان قتل ٿي ويا، نينگري مرڻينگ ٿي پئي، ڳوٺ پانڌي چانگ ۾ ڪولھي ۽ چانگ برادري وچ ۾ تڪرار تان هٿياربند  جي حملي جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، نينگري مرڻينگ ٿي پئي، هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 22  ورهين جو رمضان ولد دور محمد چانگ ۽ 30 سالن جو حاجي ولد سوڀو چانگ ڪھاڙيون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا، جڏھن ته  14 سالن جي نينگري خطي چانگ مرڻينگ ٿي پئي، نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال نيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، مقتول جي وارثن ڪولهي برادري جي ڌنيش ڪولهي ۽ ٻين تي الزام هڻندي چيو ته هنن اسان جي ماڻهن مٿان حملو ڪيو، نتيجي ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا، نينگري مرڻينگ آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.