لاهور )م ڊ ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سي اي سي جو اجلاس ٿيو. بلاول هائوس ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورا ميمبر شريڪ ٿيا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ عام چونڊن جي مهم ۽ منشور تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چونڊن جي حوالي سان سياسي رابطن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وزيراعظم جي اميدوار طور پيش ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وزيراعظم جي اميدوار طور منظور ڪري ورتو.