بلوچ ڌرڻي وارن جو گهيرو ڪيو ويو آهي: سينئر صحافي

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامدمير چيو آهي ته بلوچ عورتن ۽ ٻارن تي لٺيون وسائي تسلي نه ٿي،ان تي به دل نه ڀريو، اڄ اسلام آباد  پوليس انهن عورتن ۽ ٻارن کي کاڌو،پاڻي ۽ ڪمبل به بند ڪري ڇڏيا آهن، انهن کي باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون آڻڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي، پوليس سندن گهيرو ڪري رکيو آهي، سڀ ڄاڻين ٿا ته اهو سڀ ڪير ڪرائي رهيو آهي،هن چيو ته 3 جنوري تي رڳو بلوچستان ۾ نه پوري پاڪستان ۾ شٽرڊائون هڙتال جي ڪال جو مطلب ڇا آهي؟ ماه رنگ بلوچ انهن سمورن پاڪستانين لاءِ آواز اٿاري رهي آهي جن جا پيارا لاپتا آهن ته پوءِ اها عليحدگي پسند ڪيئن ٿي وئي؟ پاڪستانين کي زبردستي عليحدگي پسند بڻائڻ ڪو محب وطنن کان سکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.