اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي گم ٿيل بلوچن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اڱاري ڏينهن پوليس کين امداد وٺڻ کان روڪي رهي آهي. پر شام ۾ ڳالهين کانپوءِ اجازت ڏني وئي.سندن چوڻ هو ته بلوچ احتجاج ڪندڙن کي چيو ويو ته پوليس جي اجازت کانسواءِ ڪپڙا، ڪمبل ۽ کاڌي پيتي جو ٻيو سامان کڻي نه ٿو سگهجي. هي اهو سامان آهي جيڪو مختلف ماڻهو رضاڪارانه طور تي احتجاج ڪندڙن کي ڏيندا آهن.هڪ پوليس اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هدايتون فوڊ پوائزننگ ۽ سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي جاري ڪيون ويون آهن. پر پوليس بعد ۾ هن کي ان شرط تي اجازت ڏني ته پوليس کي انهن شين جي باري ۾ ڄاڻ ڏني ويندي.هڪ بيان ۾ لمب آباد پوليس چيو آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ احتجاج ڪرڻ هر شهري جو حق آهي. پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ پوليس سان سهڪار نه ڪري رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن کي گذارش آهي ته سندن سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس سان سهڪار ڪيو وڃي احتجاج ڪندڙ بار بار هاءِ سڪيورٽي زون ۾ داخل ٿيڻ تي ضد ڪري رهيا آهن ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته قانون عمل ۾ ايندو.پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙن تي تشدد بابت مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي پر مظاهرين تي ڪو به تشدد ناهي ڪيو ويو. ان حوالي سان پوليس ترجمان ڪيترائي ڀيرا پنهنجي موقف جو اظهار ڪري چڪو آهي،هوڏانهن ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ چيو ته وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي خلاف ڳالهين کانپوءِ اسلام آباد پوليس اسان کي هراسان ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اسان جو حڪومت ۽ رياستي ادارن کي ڏنل الٽيميٽم اڄ ختم ٿي رهيو آهي، اسان سموري پاڪستان کي اپيل ڪريون ٿا ته بلوچن جي نسل ڪشي خلاف اڄوڪي ملڪ گير هڙتال جي حمايت ڪن،هن چيو ته ڪوهلو ۽ تربت ۾ 40 سرڪاري ملازمن کي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ريلي ۾ شرڪت سبب جاچ هيٺ رکيو ويو آهي، اسان جي مطالبن تي غور ڪيو وڃي،بلوچستان ۾ ظلم ستم جو سلسلو بند ڪيو وڃي،