نظام عدل تي سنگين سوال ،ادارن مان فائدا وٺندڙ کين پنهنجو پيءُ بڻائي ڇڏين ٿا: ڪاڪڙ

لاهور(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي انصاف واري نظام تي سنگين سوال آهن، عدل جو نظام ٺيڪ نه  ڪنداسين ته ڪنهن جو پيءُ،ماءُ،باجي يا هو پاڻ محفوظ رهڻ مشڪل آهي، مسئلو اهو آهي ته قاسم جو ابا جڏهن پاڻ هوندو آهي ته هن کي حميد جي ماءُ نظر ايندي آهي،اهو رويو رهيو آهي ته رياست جي ڪجهه ادارن مان مستفيد ٿين جو والد جو درجو ڏيڻ لڳن ٿا، جڏهن فائدو نه ملي رهيو هجي ته ويڳي پيءُ جو درجو ڏئي ڇڏين ٿا، اهي مسئلا آهن، اهي اهي مسئلا آهن جن تي سڀني کي غور ڪرڻ گهرجي لاهور جي بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي جي شاگردن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، نوجوانن سان ڳالهائڻ هميشه خوشي جي ڳالهه آهي، نوجوانن کي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،هن چيو ته  ملڪ جي آمدني ۽ خرچن ۾ فرق تمام گهڻو آهي، ٽيڪس وصولي جي شرح کي وڌائڻ تمام ضروري آهي، ملڪ ۾ 10 هزار ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي وڏو چئلينج آهي.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ٽيڪسيشن جو مربوط نظام تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪس جي شرح جي ڊي پي جي تناسب سان 9 سيڪڙو آهي، ايف بي آر نگران حڪومت ۾ ٽيڪس جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. گورننس سسٽم کي بهتر بڻائڻو پوندو.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته کيس ٻڌايو ويو ته مظاهرين پاران پٿراءُ ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ قانون موجب مظاهرين کي روڪيو ويو، مظاهرين پاران پٿراءُ يا حملو ڪرڻ تي قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري ٿو، حڪومت کي قانون جي باري ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته رياست تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا، اهو ئي اصول سڀني تي لاڳو ڪرڻ ضروري آهي، انتهاپسند ڪنهن جي حڪمن تي عمل ڪري رهيا آهن، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڻ کي بچائڻ به چاهي ٿي ۽ حملا به ڪرڻ چاهي ٿي. منهنجو خيال آهي ته امن قائم ڪرڻ وارا ڀائر ٿي سگهن ٿا پر انتها پسندن کي ڀاءُ نٿو چئي سگهجي، مثال خراب آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻار ٻئي ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪري ته ان جا والدين ڇا ڪندا؟هن چيو ته نئون سال نه ملهائڻ جو مقصد دنيا کي فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪرڻ هو، اسان فلسطين ۾ جاري خونريزي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اسان ان معاملي تي سخت موقف پيش ڪيو، اسان دنيا کي ٻڌايو ته 1.5 ارب مسلمان پريشاني ۾ آهن. فلسطين ۾ ظلم ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ اسان جو پهريون مطالبو جنوني جنگ جو خاتمو آهي، فوجي قيادت به ان معاملي تي آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.