اڳوڻو ناڻي وارو وزير سرتاج عزيز لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻو ناڻي وارو وزير سرتاج عزيز لاڏاڻو ڪري ويو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال ٽوئيٽ ڪندي سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي. سرتاج عزيز 7 فيبروري 1929ع تي خيبرپختونخواهه جي ضلعي مردان ۾ پيدا ٿيو.سرتاج عزيز 1949ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان اقتصاديات جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1967ع ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين. سرتاج عزيز کي عالمي عهدن تي فائز ٿيڻ جو به موقعو مليو. سرتاج عزيز 1984ع ۾ وطن واپسي تي پاڪستاني سياست ۾  حصو ورتو ۽ وفاقي ڪابينا ۾ خوراڪ ۽ زراعت واري مملڪتي وزير طور شامل ٿيو. هو 1985ع ۽ 1994ع ۾ خيبرپختونخواهه مان سينيٽر چونڊيو ويو. آڪٽوبر 1985ع ۾ هو خوراڪ ۽ زراعت بابت وزيراعظم جو خاص صلاحڪار ۽ جنوري 1986ع ۾ خوراڪ، زراعت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو وفاقي وزير ٿيو. آگسٽ 1990ع کان جولاءِ 1993ع تائين ناڻي، منصوبابندي ۽ اقتصادي معاملن جو وفاقي وزير پڻ رهيو. جولاءِ 1993ع ۾ کيس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. 1998ع کان 1999ع تائين ميان نواز شريف جي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير جي اهم عهدي تي رهيو.. سرتاج عزيز سينيٽ جي پرڏيهي معاملن، ڪشمير ۽ اترين علائقن جي معاملن کان کانسواءِ ناڻي، اقتصادي معاملن ۽ خوراڪ ۽ زراعت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جو چيئرمين پڻ رهيو. سرتاج عزيز تحريڪ پاڪستان ۾ به حصو ورتو، 1945-46 جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪرڻ تي کيس مجاهد پاڪستان جو سرٽيفڪيٽ به مليو. مارچ 1946ع ۾ اسلاميه ڪاليج لاهور ۾ ڪلاس ۾ پهريون نمبر اچڻ تي قائداعظم محمد علي جناح کيس ايوارڊ ڏنو. 1959ع ۽ 1967ع ۾ منصوبابندي ۽ ترقيءَ جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن تي کيس حڪومت پاڪستان طرفان پاڪستان ميڊل ۽ ستاره الخيرات سان پڻ نوازيو ويو. سرتاج عزيز مسلم ليگ ن جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر هو. پر ڪجهه عرصي کان پارٽي ۾ سرگرم نه هو. اڳوڻي ناڻي واري وزير سرتاج عزيز 94 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مختلف سياسي شخصيتن پاران سرتاج عزيز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.