ڪراچي ۾ ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ سنڌ اسيمبلي جو آفيسر فوت، 2 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ڊاڪس ٿاڻي جي حد مائي ڪلاچي روڊ تي آمريڪي قونصليٽ ڪي پي ٽي وال ويجهو تيز رفتار ڊبل ڪيبن  واري ويگو گاڏي فوٽ پاٿ ڪراس ڪندي ڊرائيور  جي ڪنٽرول ۾ نڪري وئي سامهون ايندڙ ويندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي ۽ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي ، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ايڌي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ فوتين جي سڃاڻپ 55 ورهين جي هارون ولد آدم طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 60 ورهين جو عبدالقادر ولد عثمان ۽ 45 ورهين جو شهزاد ولد غلام قادر شامل آهن. ڊاڪس پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيل گاڏي ۾ سوار هارون لياري جو هنگورا آباد جو رهواسي ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جو اسٽاف آفيسر ۽ سنڌ اسيمبلي جو 20 گريڊ جو آفيسر آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عبدالقادر به شامل آهي جيڪو به سنڌ اسيمبليءَ جو ملازم آهي  شهزاد گاڏيءَ جو ڊرائيور آهي. ڊاڪس پوليس موجب حادثو ڊبل ڪيبن گاڏي کي تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڊبل ڪيبن گاڏي پي آءِ ڊي سي کان لال زار ڏانهن وڃي رهي هئي، ته آمريڪي سفارتخاني ڀرسان حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ ڊبل ڪيبن گاڏي جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، ڊبل ڪيبن گاڏي جو ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي ويو، ڊبل ڪيبن گاڏي جو ٽائي راڊ اوور اسپيڊ ۾ ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ڊبل ڪيبن گاڏي ايندڙ ويندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب گاڏي ڪلٽي ٿي وئي. پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته گاڏي ڪنهن خانگي ڪمپني جي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.