سنڌ پوليس جو مقصد صرف حليم عادل کي جيل ۾ رکڻ آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، سنڌ هاءِ  ڪورٽ حليم عادل  شيخ جي پٽ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت جو چوڻ هو ته حليم عادل شيخ پاڪستان جو شهري آهي ۽ کيس بنيادي حق به آهن، سنڌ پوليس کي جھڙي طرح قانون  تي عمل ڪرڻ گھرجي، ائين نه  ٿي ڪري، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته حليم عادل شيخ کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ غير معمولي  عمل آهي، سنڌ پوليس جو مقصد رڳو حليم عادل شيخ کي جيل ۾ رکڻ آهي، جسٽس عمر سيال چيو ته حليم عادل شيخ ضمانت  ڪرائي ٿو، پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ٿي، سنڌ پوليس جو حليم عادل  کي مسلسل قيد ۾ رکڻ  درست ناهي.عدالت چيو ته سنڌ پوليس کي ياد رکڻ گهرجي ته هڪ عام ماڻهو ڪرمنل جسٽس سسٽم تي يقين رکي ٿو، سنڌ پوليس جو اهڙو رويو عام ماڻهو جي اعتماد کي مجروح ڪري ٿو، آءِ جي سنڌ پوليس قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، عوام جو اعتماد بحال  ڪرڻ لاءِ پوليس کي خودمختيار ادارو بڻايو وڃي، حليم عادل شيخ کي سمورن  داخل ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي پٽ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.