ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڊل ٽائون ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو سان سندس رهائش گاهه پهچي تعزيت ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا راشد محمود سومري سان سندس معصوم ڌيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻارڙي جي پيءُ راشد محمود سومري ۽ ٻين وارثن لاءِ صبر جي به دعا ڪئي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سهيل انور سيال، ناصر شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ موجود هئا، جڏهن ته ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ اسلم غوري، مولانا عبدالڪريم عابد، قاري عثمان، مولانا سميع سواتي، مولانا حماد الله شاهه ۽ ڊاڪٽر شفيق سومرو به موجود هئا.