فضل الرحمان تي حملو ٿيو، ادارا چونڊون ڪرائڻ تي بضد آهن:غفور حيدري

اسلام آباد(م ڊ)سينيٽ اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر مولانا غفور حيدري ڪالهه مولانا فضل الرحمان تي حملي بابت  ڳالهائيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان تي ڪالهه حملو ٿيو،اليڪشن ڪميشن کي اسان ملاقات ۾ چيو هو ته اسان ڪهڙين حالتن ۾ چونڊون وڙهي رهيا آهيون،  چونڊن لاءِ امن امان ضروري آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سردي هوندي آهي، اهو مون ادارن کي ٻڌايو، ان جي باوجود ادارا،عدليه، اليڪشن ڪرائڻ تي بضد آهن، ماضي ۾ به اسان تي حملا ٿيا جيڪي اسان برداشت ڪيا، حڪومت ٻڌايو هو ته مولانا فضل الرحمان کي خطرو آهي، جڏهن ٿريٽ ايندا آهن ته حملي آور جا سمورا تفصيل به ٻڌائيندا آهن، يا ته ملڪ دهشتگردن جي حوالي ڪيو ۽ چئي ڇڏيو  ته اسان ته شو پيس آهيون.هن چيو ته مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، مون بلٽ پروف گاڏي گهري هئي، تنهن تي مون کي چيو ويو ته توهان پاڻ وڃي وٺو، 10 ڪروڙ جي گاڏي ڪٿان آڻيندس؟ان تي جماعت اسلامي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته مولانا فضل الرحمان تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، سڪيورٽي جي آڙ ۾ ماڻهن کي چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي، تجويز ۽ تائيد ڪندڙ کنڀيا پيا وڃن، ڪاغذ رد ڪري رهيا آهيو ته پوءِ هن اليڪشن کي ڪير به اليڪشن نه چوندو اها سليڪشن هوندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.