سپريم ڪورٽ ۾ تاحيات نااهلي ڪيس جي اڄ ٻڌڻي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو هلندو يا چونڊ ايڪٽ؟ سپريم ڪورٽ  مير بادشاهه قيصراڻي ڪيس ۾ تاحيات نااهلي بابت نوٽيس تي بينچ جوڙي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ اڄ 2 جنوري تي ڏينهن جو ساڍي 11 وڳي ٻڌڻي ڪندو.جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت بلالي لارجر بينچ ۾ شامل آهن.ياد رهي ته اڳوڻي حڪومت چونڊ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي هئي جنهن کان پوءِ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي جي مدي کي پنج سال ڪيو ويو هو. مذڪوره آرٽيڪل جي تحت ڪيترائي سياستدان نااهل ٿيا جن ۾ نوازشريف، جهانگير ترين ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.