اليڪشن ٽربيونل ۾ فارم رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل، نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)اليڪشن ٽربيونل ۾ رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون جيڪي 3جنوري تائين هلنديون،  پهرين ڏينهن 20 کان وڌيڪ اپيلون داخل ٿيون آهن، ڪراچي جي اپيلن جي ٻڌڻي جسٽس ارشد حسين خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيوڪندا،  حيدرآباد لاءِ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ اپيلون ٻڌندو، پ پ جي اڳواڻن مزا اختيار بيگ، سردار رفيق عباسي، تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي، زين قريشي، حليم عادل شيخ فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان،آفتاب جهانگير، ڊاڪٽر مسرورسيال ۽ آزاداميدوار ايڊووڪيٽ مظهر علي سميت ٻيا شامل آهن، مٿي ڄاڻايل ماڻهن جا نامزدگي فارم رد ٿي چڪا آهن، اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس خادم حسين تينو آزاد اميدوار مظهر علي جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسرکي 4 جنوري جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.